ڀَلو ڳاھو

ڀَلو ڳاھو: ڀلو ڳاهو پٽ گلو ڳاهو حر فقير ھو ، جيڪو 1896ع واريءَ ٻي حر تحريڪ ۾ ” ٻھروٽين “ جي ٽولي ۾ شامل ھو . هيءُ ڳوٺ موجن ، تعلقي خيرپور جو ويٺل ھو ” مکي “ ( ڍنڍ ، ٻيلي ) وٽ غلام محمد جي گھٽ جي پريان ” ٽِڪنبي “ ( ٽڪنڊي ) وٽ پنھنجن ٻن ساٿين ، مصري ڳاھي ۽ عثمان ھنڱوري سان گڏ ميدان ۾ آيو . ” بَچو “ ( ڏسو: بچو بادشاهه ) جي سھري ’دينوءَ ‘ کي انگريزي عملدار ليوڪس وٽ موڪليو ته ھاڻي اچي مقابلو ڪر ، ليوڪس آيو ۽ مقابلو ٿيو ، جنھن ۾ ٽيئي ڄڻا ( مصري ڳاھو ، عثمان ھنڱورو ۽ ڀلو ) ليوڪس سان وڙھندي مارجي ويا ، فقيرن کي پير سائين پاڳاري جو حڪم ھو ته انگريز سرڪار وٽ زندھه پيش ٿيو يا وڙھي سر ڏيو ۽ هنن ٽنهي پيش پوڻ کان وڙهي مرڻ کي بهتر سمجهيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو